مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو: حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته جتي به حالتون خراب ٿيڻ جو امڪان هجي اتي فوج مقرر ڪئي وڃي، پهرئين مرحلي ۾ بي ضابطگيون ٿيون، ٻئي مرحلي ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ فوج جي مقرري جي حوالي تجويزن تي ويچارڻ لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا پهرين مرحلي ۾ ڪابه بي ضابطگين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سانگهڙ جيڊي آر او درخواست ڪندي تجويز ڏني ته درازا سانحي جا اثر سانگهڙ تي به پئجي سگهن ٿا، مڪاني چونڊن دوران سڄي ضلعي ۾ فوج مقرر ڪئي وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پهرين مرحلي ۾ بيلٽ پيپرز ۾ غلطين سبب پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ٻئي مرحلي ۾ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪئي ويندي، جڏهن ته بي ضابطگيون ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيون وينديون. واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ19 نومبر تي ٿيندي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جَي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ٻنهي صوبن لاءِ چار ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇپرايا ويندا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپرائي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، ٻنهي صوبن لاءِ ٻي مرحلي لاءِ چار ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇپرايا ويندا، جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي ڇپرائي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي.  اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پنجاب لاءِ اڍائي ڪروڙ ۽ سنڌ لاءِ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇپرايا پيا وڃن. واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ پولنگ 19 نومبر تي ٿيندي، جنهن جا انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي 19 نومبر تي ٿيندڙ ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز جي 15 ضلعن جي 486 ڪائونسلز تي چونڊ ٿيندي، جن لاءِ 15 هزار 208 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته11 سئو 34 اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. حيدرآباد ڊويزن جي 495 ڪائونسلز ۾ 440 چيئرمين، 440 وائيس چيئرمين، 176 جنرل ڪائونسلرز، 334 ضلعي ڪائونسل ميمبرز، 269 ٽائون ڪميٽين جي ميمبرز ۽ 208 ميونسپل ڪميٽي جي ميمبرز جي سڌيءَ ريت چونڊ ٿيندي. حيدرآباد ڊويزن ۾ اڻ سڌيءَ ريت 880 عورت، 440 پورهيت، 440 نوجوان ۽ 440 اقليتي ميمبرز جي چونڊ ڪئي ويندي، جڏهن ته 495 ڪائونسلز ۾ 3 هزار 461 ميمبرز جي سڌيءَ ريت ۽ 22 سئو ميمبرز جي اڻ سڌي ريت چونڊ ٿيندي. شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽن ضلعن جي 216 ڪائونسلز ۾ 15 سئو 72 ميمبرن جي سڌيءَ ريت ۽ 960  ميمبرز جي اڻ سڌي ريت چونڊ ٿيندي. ميرپورخاص ڊويزن جي 175 ڪائونسلز ۾ 12 سئو 82 ميمبرز جي سڌيءَ ريت ۽ 875 ميمبرن جي اڻ سڌيءَ ريت چونڊ ٿيندي. مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 15 ضلعن ۾ 78 لک 91 هزار 110 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا، جن ۾ 42 لک 61 هزار 254 مرد ۽ 36 لک، 29 هزار، 851 عورت ووٽرز شامل آهن.اليڪشن ڪميشن طرفان ڄاڻايل ضلعن ۾ 7 هزار 192 پولنگ اسٽيشنز ۽ 20 هزار 832 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا، جتي 67 هزار 498 پولنگ عملو مقرر ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *