مڪاني ادارن جي تعليمي ادارن جو ڪنٽرول سنڌ جي تعليم کاتي جي حوالي  پيا ڪريون: ناصر حسين شاھھ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڌ سماء ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ڊي ايم سي سينٽرل جي 40 کان وڌيڪ عورت استادن جي ملاقات، استادن مڪاني کاتي جي صوبائي وزير کي درخواست ڪئي ته هو 10 سالن کان وڌيڪ عرصی کان ڊي ايم سي سينٽرل تحت هلندڙ اسڪولن ۾ خدمتون  ڏئي رهيون آهن، پر کین نوڪرين ۾ مستقل ناھی ڪيو ويو . استادن وڌيڪ چيو ته هنن کي گذريل ٽن مهينن کان پگهارون به ناھن نه مليون. ان  تي مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه استادن کي خاطري ڪرائي ته سندن 3 مهينن جي پگهارن جو مسئلو فوري حل ڪيو ويندو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن  هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ مختلف تجويزن تي ڪم ڪري رهي آهي. سمورن تعليمي ادارا جو ڪنٽرول سنڌ جي تعليم کاتي حوالي ڪرڻ لاءِ قانوني پاسن جو جائزو ورتو پيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته استاد پنهنجا فرض ذميواري سان سرانجام ڏين ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪن ته جيئن شاگردن کي مستقبل جي چيلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بهتر تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي.       

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *