مڊٽرم چونڊن بابت خورشيد شاهه سان لاڳاپيل بيان درست ناهي، آئين تحت وچ مدي چونڊون ٿيون ته تيار آهيون: پيپلزپارٽي

INP 01-41لاهور (م.ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري انفارميشن قمرزمان ڪائره مڊٽرم چونڊن بابت اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سان لاڳاپيل بيان جي ترديد ڪندي چيو ته جيڪڏهن آئين ۾ ڏنل طريقي مطابق مڊٽرم چونڊون ٿين ٿيون ته پيپلزپارٽي ان لاءِ هر وقت تيار آهي حڪومت کي پيش ايندڙ خطرو ختم ناهي ٿيو پر في الحال ٽري ويو آهي ان لاءِ حڪومت هوش مان ڪم وٺي جڏهن به اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي بنياد تي حڪومت ويئي آهي ته اها 10-10 سال بحال ناهي ٿي ان لاءِ پپلزپارٽي ان بنياد تي حڪومت کي ڪيرائڻ جي چڪر ۾ نه آهي ڌرڻن وارن سان ڳالهين لاءِ وزيراعظم اڃا تائين ڪائي ڪميٽي ناهي جوڙي پر سموريون ڪميٽيون پاڻ ٺهيون آهن وزيراعظم سينيئر پارليمينٽرينز تي ٻڌل بااختيار ڪميٽي جوڙي ۽ ان جي پاڻ نگراني ڪري عمران خان طاهرالقادري به اهڙي نموني ڪميٽي جوڙين لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمرزمان ڪائره چيو ته تحريڪ انصاف جي هڪ صوبي ۾ حڪومت آهي ۽ ان جي قيادت سڀ کان مقبول جماعت هجڻ جي دعويٰ به ڪري ٿي ڪنهن کي به ڪنهن جماعت جي قيادت تي اعتراض جو حق حاصل آهي پر ان ۾ لفظن جي استعمال جو خيال رکڻ گهرجي اسان مفاهمت جي سياست ڪرڻ چاهيون ٿا پر مفاهمت جو اهو مطلب نه آهي ته غلطين جي نشاندهي نه ڪئي وڃي هن چيو ته عمران خان ميثاق جمهوريت کي لنڊن پلان ڪوٺيو آهي پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پلان اهو هوندو آهي جيڪو ڳجهو هوندو آهي جڏهن ته ميثاق جمهوريت عوامي معاهدو هو جيڪو سڄي دنيا جي سامهون ٿيو هو ٻن وڏين پارٽين کان پوءِ سمورين پارٽين کي گهرائي ان تي صحيحون ڪرايون ويون هي ڳجها دستاويز نه آهن پر جمهوريت جي بحالي ۽ آمر جي خلاف قومي گڏجاڻي جا دستاويز هئا هي جمهوريت پاران سفرنامو آهي محترمه بينظير ڀٽو شهيد زيادتين ناانصافين ۽ تڪليفن کي گهرائي معاهدو ڪيو هن چيو ته اسان جو مطلب آهي ته هاڻي ان دستاويز تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ ان ۾ حالتن مطابق تبديلي ڪئي وڃي جنهن جي ضرورت آهي ۽ اسان ان کي ڀليڪار چونداسين. هن خورشيد شاهه جي مڊٽرم چونڊن جي حوالي سان بيان جي سوال جي جواب ۾ چيو ته هي ڳالهه سيد خورشيد شاهه کان پڇڻ گهرجي پر مان ڪالهه کان رڙيون ڪري ان جي ترديد ڪري رهيو آهيان ته هن اهڙي قسم جي ڪائي ڳالهه ناهي ڪئي ۽ ڇو ان سان ان ڳالهه کي جوڙي ان جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *