مڇن جو نئون اسٽائل، ”اهو ماڻهن کي پنهنجو حوصلو ڏيکارڻ جو طريقو آهي“: وهاب رياض

 

دبئي(اسپورٽس نيوز) هڪ طرف ڪرڪيٽ جا شوقين پاڪستان سپر ليگ شروع ٿيڻ تي پرجوش آهن ته ٻئي طرف افتتاحي ميچ ۾ پشاور زلمي جي فاسٽ بالر وهاب رياض جي مڇن جي نئين اسٽائل به گهڻن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي تبصرن جو هڪ طوفان اچي ويو آهي پر وهاب رياض جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ”اهو ماڻهن کي پنهنجو حوصلو ڏيکارڻ جو سندس هڪ طريقو آهي.“وهاب رياض پنهنجي نئين لڪ جي حوالي سان چيو ته اهو اسٽائل مون کي اهو ياد ڏياريندو رهندو ته مان ڪير آهيان، مون کي هن ٽورنامينٽ ۾ ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪيئن پرفارم ڪرڻو آهي. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته هن اهو اسٽائل آسٽريلوي رانديگر مچل جانسن کان متاثر ٿي ڪري اختيار ڪيو آهي ته وهاب رياض پنهنجي جواب ۾ چيو ته ”ڏسو، ڪنهن کان به ڪنهن اهڙي شيءِ لاءِ متاثر ٿيڻ جيڪا اوهان لاءِ فائديمند هجي، هڪ سٺي ڳالهه آهي ۽ جيڪڏهن مچل جانسن کان متاثر آهيان ته مان کيس مهرباني چوانٿو.“

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *