مٿيرا جسم تي ٺهرايل ٽيٽو مان ڦاسي پئي، مداحن کي نصيحت

ڪراچي (شوبز نيو ز)اداڪارا ۽ ماڊل مٿيرا پنهنجي مداحن کي نصيحت ڪري ڇڏي.مٿيرا پنهنجي ڀيڻ اداڪارا روز محمد سان گڏ هڪ نجي ٽي وي چئنل جي شو ۾ شريڪ  ٿي، جنهن دوران هن مختلف موضوعن تي ڳالهايو.مٿيرا ٻڌايو ته مان اڳوڻي مڙس جي نالي جو ٽيٽو ٺهرايو هو، جنهن کي ڊاهڻ جي ڪوشش به ڪئي پر نه ڊهي سگهيو.شو دوران هن منهنجي مداحن کي نصيحت ڪندي چيو ته پنهنجي همسفر جي نالن جا ٽيٽو نه ٺهرايو، ٽيٽو نه ڪري نه ٺهرايو، ڇو ته عليحدگيءَ کانپوءِ همسفر ته هليو ويندو آهي پر ٽيٽو ناهي ويندي.سندس چوڻ هو ته مان ڏيکاءُ ناهيان ڪندي، جهڙي آهيان اهڙي ئي رهندي آهيان.واضح رهي ته مٿيرا 2012 ۾ گلوڪار فاران جي مرزا سان شادي ڪئي هئي ۽ 2018 ۾ ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي.مٿيرا ۽ فاران کي هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *