مٽياري ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ فوت،ٻه زخمي

مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان ڇنڊڻ موري وٽ ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوارڳوٺ بچو جعفراڻي جا رهواسي 30 سالا نوجوان سلطان ولد سليمان جعفراڻي کوسو فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس سوٽ حسين بخش ولد در محمد کوسو ۽ سليمان جعفراڻي کوسو زخمي ٿي ويا. موقعي تي موجود مقامي ماڻهن فوتي ۽زخمين کي تعلقه اسپتال مٽياري پهچايو جتي فوتي سلطان کوسو جي لاش کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ٻي طرف پوليس ٽرالر ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *