مٽياري لڳ ٽرين جو ڪار کي ٽڪر، هڪ ئي ڪٽنب جي پنجن ڀاتين سميت 6 ماڻهو فوت

حيدرآباد (اي پي پي) مٽياري ويجهو ٽرين ڪار کي چيڀاٽي ڇڏيو، ڊرائيور سميت 6 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. خبر موجب بدنصيب ڪٽنب ڳوٺ صاحب خان جروار کان ڀٽ شاهه تي حاضري لاءِ وڃي رهيو هو ته جسڪاڻي ڦاٽڪ ڪراس ڪندي ڪار ٽرين جي زد ۾ اچي ويئ جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ۽ ڪار ۾ سوار ڊرائيور 20 ساله فرقان کان علاوه هڪ ئي ڪٽنب جا پنج ڀاتي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 45 ساله مظفر حسين جروار، 40 ساله شميم جروار، 7 ساله ربيعه، 15 ساله امتياز ۽ 12 ساله عامر موقعي تي فوت ٿي ويا. جن جا لاش ٽنڊوالهيار ل ڳوٺ صاحب خان جروار پهچايا ويا ته قهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ وارن جون عيد جون خوشيون ڏک ۾ تبديل ٿي ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *