مٺي ۽ عمر ڪوٽ ۾ وڌيڪ 5 ٻار فوت، فوتي ٻارن جو انگ 104 ٿي ويو، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا

مٺي (نمائندو) ٿر ۾ گــُلن جهڙن معصوم ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، سهولتن جي اڻاٺ، خوراڪ جـِي کوٽ ۽ بيمارين وگهي سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن بعد ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 104 ٿي ويو آهي. مٺي، ڏيپلي، ننگر پارڪر، اسلام ڪوٽ سميت ٻين علائقن ۾ سهولتن جي اڻاٺ، خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڪلوئي واسي محمد حسن جي چئن ڏينهن جي ڌيءُ، نـَول جو ٽن ڏينهن جو پٽ ۽ مڪيش ڪمار جو ٽن ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويا. هلندڙ مهيني دوران مٺي ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 75 ٿي ويو آهي. مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇري، ڏيپلي، ننگر پارڪر ۽ ٻين شهرن ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ داخل 100 کان وڌيڪ ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي. ٻئي طرف عمرڪوٽ سول اسپتال ۾ پنجن ورهين جو ڪريم بخش نهڙيو ۽ 7 ڏينهن جي راڌا ڀيل ڊائريا وگهي فوت ٿي وئي، جنهن بعد ضلعي اندر فوتي ٻارن جو انگ 29 ٿي ويو جڏهن ته وڌيڪ 15 ٻارن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ سرڪار پاران دعوائون رڳو شهرن تائين محدود آهن پر ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻارن جي علاج لاءِ ڪا به سهولت فراهم نه پئي ڪئي وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *