مٺي، اسلام ڪوٽ، ڪلوئي، ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ ۾ وڌيڪ 7 ٻارڙا فوت

ٿرپارڪر(نمائندو) ٿر ۾ معصوم ٻارڙن تان موت جو راڪاس نه ٽريو، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڪلوئي ۽ ڇاڇري ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، هلندڙ ميهني فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 86 ٿي ويو آهي. سول اسپتال مٺي ۾ ٽن ڏينهن جي نينگري ڪويتا فوت ٿي وئي. نينگري جي وارثن احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب معصوم نينگري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڀُونگِيو ۾ ڳوٺاڻي ڀوري ڀيل جو ٻن ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، مٺي جي سول اسپتال ۾ ڳوٺ گُوڌِيار واسي ڳوٺاڻي الهڏنو سومرو جي تازو ڄاول ٻار به دم ڌڻي حوالي ڪيو.. ڪلوئي ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار 6ورهين جو نينگر ذيشان فوت ٿي ويو، ڇاڇري ۾ به 10 مهينن جو نينگر جاويد سميجو زندگي جي جنگ هارائي ويو. وڌيڪ 5 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 86 ٿي ويو آهي.. مختصر عرصي ۾ 86 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ باوجود صحت کاتي طرفان متاثر علائقن ۾ صحت جو سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم ناهن کنيا.. مٺي سول اسپتال توڙي ٿر جي خانگي اسپتالن ۾ سوين ٻارڙا داخل آهن، سهولتون جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙن جو حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن.عمرڪوٽ ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين ۾ مبتلا وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي. عمرڪوٽ سول اسپتال ۾ ڳوٺاڻي ڀاڳچند اوڏ جو اڍائي ورهين جو پٽ روي شنڪر ۽ 10 ڏينهن جي نينگري جنت ڀيل فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هلندڙ ميهني فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ 34 ٿي ويو آهي.. خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب متاثر يونين ڪائونسل ڪپلور، کوکرا پار، ڳوٺ ماروهر، ڪيرلو، جهمراڙي ۽ ڳوٺ ڊاڀي ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب سوين ٻارڙا زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *