ميگا پراجيڪٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) موڊ تحت شروع ڪيا ويا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايئر وائس مارشل صباحت حسين جي اڳواڻي ۾ وار ڪورس وفد نيشنل سيڪيورٽي يونيورسٽي (اين ڊي يو) جي شرڪت ڪندڙن نيشنل سيڪيورٽي ۽ وار ڪورس سي ايم اي جي 226 ميمبرن تي مشتمل وفد سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ دوري تي آيل وفد کي ڪوئلي مان بجلي، صحت ، روڊ ، تعليم ۽ امن امان جهڙن مختلف شعبن ۾ پنهنجي حڪومت جي ترقياتي ڪوششن جي ڄاڻ ڏني. مراد علي شاهه چيو ته ميگا پراجيڪٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) موڊ تحت شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌو درياءَ تي جهرڪ ملان ڪاتيار وٽ سر آغا خان پل، حيدرآباد- ميرپور خاص روڊ، ٿر ڪول مائننگ ۽ صحت جي شعبي جهڙن ٻين ڪيترن ئي منصوبن بابت آگاهي ڏني. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ ۽ ملير ايڪسپريس وي تي گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جلد ئي پي پي پي موڊ تحت شروع ٿي ويندو. وڏي وزير وفد جي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا. هن يونيورسٽي جي سربراهه کي يادگار ۽ ان سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي شيلڊ پيش ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *