ميڪرون جي بيان کانپوءِ اسٽار فٽبالر فرانس جي نمائندگي کان انڪار ڪري ڇڏيو

پيرس(اسپورٽس نيوز) فرانسيسي صدر پاران اسلام مخالف بيان کانپوءِ اسٽار فٽبالر پال پوگبا فرانس جي نمائندگي ڪرڻ کان انڪاري ٿي پيو.پرڏيهي خابرو ڪيترن ئي ادارن جي رپورٽس موجب مانچسٽر يونائيٽڊ جي اسٽار فٽبالر پال پوگبا پاران انٽرنيشنل سطح تي فرانس جي نمائندگي نه ڪرڻ جو فيصلو فرانسيسي صدر ميڪرون طرفان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ گستاخي ۽ گستاخي وارن خاڪن جي سرپرستيءَ وارن بيان کانپوءِ ڪيو.هڪ عرب ويب سائٽ تي شايع رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پال پوگبا هي فيصلو صدر ميڪرون طرفان شاگردن کي گستاخيءَ وارا خاڪا ڏيکارڻ تي هڪ مسلمان شخص جي هٿان قتل ٿيل استاد کي فرانس جو سڀ کان وڏو اعزاز ملڻ بعد ڪيو.ياد رهي ته فرينچ فٽبال ايسوسيئيشن ۽ پال پوگبا طرفان ان حوالي سان هن وقت تائين ڪنهن قسم جو ڪو بيان سامهون نه آيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *