ميڊيا ۾ هلندڙ خبرون بي بنياد قرار، ن ليگ اڳواڻن جو لنڊن ۾ اجلاس هنگامي نه اتفاقي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مسلم ليگ ن اڳواڻ چوڌري نثار چيو آهي ته هن وقت ن ليگ ۾ ذاتيات تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، اسان کي ذاتيات مان نڪري پارٽي جي مفاد کي ڏسڻو پوندو ۽ جيڪڏهن پارٽي جو مفاد ڏٺو وڃي ته ذاتيات کي به ان سان فائدو ٿيندو، مسلم ليگ جي قيادت جو لنڊن ۾ ڪو اجلاس ناهي ٿي رهيو پر سمورا اڳواڻ اتفاقي طور گڏ ٿي ويا آهن، اڳوڻي گهرو وزير لنڊن ۾ پارٽي جي اعليٰ قيادت جي ٿيندڙ هنگامي اجلاس کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي به بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ هيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ ڪا به گروهه بندي نه ٿي رهي آهي، ڪنهن به قسم جي ورهاست جا ڪي امڪان ناهن پر معمولي اختلاف راءِ آهي، مون کي مفاهمتي ۽ مزاحمتي گروپس جي لفظن کان چڙ آهي، هن وقت پارٽي کي 1999 کان وڌيڪ چئلينجز سامهون آهن، مسلم ليگ اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هيو ته پاناما انڪشافن بعد مان به انهن ماڻهن ۾ هيس، جن نواز شريف جي عدالت وڃڻ ۽ وزيراعظم جي خطاب جي مخالفت ڪئي پر هاڻي جڏهن ڪيس عدالتن ۾ آهن ته اسان کي رليف عدالتن مان ئي ملي سگهي ٿو، عدالت جي فيصلن تي اعتراض ڪري سگهجي ٿو پر اسان کي عدالت سان محاذ آرائي نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن عدالتن بابت بيان ڏنا ويندا ته محاذ آرائي ته ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *