ميڊيا جي آزادي تي يقين رکون ٿا، ذميوارن کي نه ڇڏيو ويندو: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا جي نمائندن تي تشدد جي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ٽڙيفڪ ڊاڪٽر امير شيخ کي واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو ۽ هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. پڌرائي مطابق هن اهي حڪم آچر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ انهن ڪئيرا مين ۽ ڪرائيم رپورٽرز سان ملاقات دوران ڏنا جن کي ڇنڇر ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي شرجيل انعام ميمڻ، ڪرائيم رپورٽر ڪامل عارف، شاهد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪرائيم رپورٽرن ۽ ڪئميرا مين ڇنڇر واري واقعي خلاف احتجاج ڪيو. انهن وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته واقي جي جاچ ڪرائي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو وڃي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هو ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿو. هن اجلاس ۾ شريڪ صحافين کي خاطري ڪرائي ته اڳتي اهڙو ڪو واقعو پيش نه ايندو ۽ چيو ته هن اڳ ۾ ئي آءِ جي سنڌ کي هدايتون ڏنيون آهن ته ڪنهن به واقعي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن ڄاڻايل واقعي کان فوري پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ان افسوسنڪاڪ واقعي تي معذرت جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو ته صحافي اسان جا ڀائر آهن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اجلاس ۾ شريڪ صحافين جي تجويز تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڊاڪٽر امير شيخ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري هڪ هفتي اندر واقعي جي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *