ميچ فڪسنگ جي الزامن کي قبول نٿو ڪريان، سازش تحت ڦاسايو ويو آهي: عمر اڪمل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) شڪي ماڻهن سان ڇو مليو،؟ ذاتي سبب آهي نٿو ٻڌائي سگهان. عمر اڪمل معطلي وقت جاچ آفيسرن کي به جواب ڏيندو رهيو. البته هن ميچ فڪسنگ جي الزام کي قبول نه ڪيو. ان حوالي سان عمر اڪمل /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 32

جو چوڻ آهي ته مون ڪابه ميچ فڪسنگ ناهي ڪئي مون کي سازش تحت ڦاسايو ويو آهي.

تفصيل موجب پي ايس ايل 5 جي افتتاحي ميچ کان اڳ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي رانديگر عمر اڪمل کي پي سي بي معطل ڪري ڇڏيو هو کيس اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.4.4 جي 2 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 17 مارچ تي چارج ڪيو ويو. عمر اڪمل لڳايل الزامن کي چيلنج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.  جنهن کان پوءِ کيس 6 مهينن جي سزا کان پوءِ واپسي جو نياپو ملي سگهي ٿو. 

هوڏانهن عمر اڪمل جي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته عمر اڪمل کي لڳي ٿو ته کيس سازش تحت کيس ڦاسايو ويو. پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ پي ايس ايل جي افتتاحي ميچ کان اڳ جڏهن کيس  گهرائي فڪسنگ جي سازش جو الزام لڳايو ته هن ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

بورڊ جو چوڻ هو ته اسان وٽ پڪا ثبوت موجود آهن ۽ فونن جو رڪارڊ به اسان وٽ آهي. جڏهن ته عمر اڪمل ۽ نه ئي وري فرنچائز ڪوئٽه گليڊي ايٽرز کي اهي ثبوت ڏيکاريا ويا. بس صرف هڪ جاچ ايجنسي جو خط ڏيکاريو ويو جنهن ۾ رانديگر جي ملوث هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *