ميو اسپتال جي نرس مبينا زيادتي کانپوءِ قتل

لاهور(م.ڊ) ميو اسپتال جي نرس ناديه کي مبينا زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو شروعاتي جاچ کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته نرس ناديه 31 جنوري تي ڊيوٽي ختم ڪري واپس هاسٽل وئي هئي پر ان کانپوءِ واپس نه آئي ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ ناري جو لاش پاڪپتن مان هٿ آيو ناري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي سڃاڻپ تحسين جي نالي سان ٿي آهي جيڪو ميو اسپتال ۾ ئي صحت کاتي جو ملازم آهي تحسين پنهنجي ساٿي سان گڏجي نرس کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش کي ايمبولينس ۾ کڻي  ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ شهر ۾ گهمندو رهيو ۽ لاش کي ميو اسپتال جي مرده خاني ۾ جمع ڪرائڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هر طرف کان ناڪامي کانپوءِ لاش کي نرس جي اباڻي ڳوٺ پاڪپتن ويجهو ڇڏي فرار ٿي ويو شيراڪوٽ ٿاڻي ۾ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ پوليس گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *