ميهڙ واقعي خلاف ڳڙهي خدا بخش ۾ امِ رباب جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو، مزار سيل، گلن جي چادر گيٽ اڳيان چاڙهي وئي

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) ميهڙ واقعي جي متاثر ام رباب چانڊيو انصلاف جي فراهمي لاءِ وڏي جلوس جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ام رباب چانڊيو شهيدن جي مزار تي وڏي قافلي جي صورت ۾ پهتي، جتي پهچڻ کان اڳ ئي مزار جا دروازا بند ڪري سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري مزار کي عام ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو ۽ وڏي انگ ۾ پوليس اٽالا مقرر ڪيا ويا. ان موقعي تي ام رباب چانڊيو احتجاجي قافلي سان گڏجي مزار تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس مزار جي دروازي ڏانهن ويندڙ رستي تي رنڊڪون وجهي گاڏيءَ کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني ۽ کيس پوئتي موٽي وڃڻ جو چيو ويو. احتجاجي قافلي کي خطاب ڪندي ام رباب چيو ته مان اڄ شهيدن جي مزارن تي دانهن ڏيڻ لاءِ آئي آهيان ته مون سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، هتي منهنجي قافلي کي مزار اندر وڃڻ کان روڪي شهيدن جي مزار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. هن چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به شهيدن جي وارث هئي ۽ آئون به شهيدن جي وارث آهيان، آئون شهيدن جي نياڻي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ مدفون شهيدن جي مزارن تي حاضري لاءِ آئي آهيان، سنڌ حڪومت ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي مدد ڪري رهي آهي، اڄ مون لاءِ مزار جا دروزا بند ڪري اِهو ثابت ڪيو ويو آهي ته پ پ مون کي انصاف ڏيارڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهن. سندس چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ مون کي خاطري ڪرائي آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو، جنهن عدالت کان به وقت گهري ورتو آهي ۽ هو عدالت کي به ٻڌائيندو پر اسان جو مطالبو آهي ته جيڪي روپوش قاتل آهن، انهن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انصاف ڪيو وڃي، آءُ هن کان به وڌيڪ احتجاج ڪنديس ۽ جيسيتائين انصاف نه ملندو احتجاج ڪندي رهنديس. هوڏانهن ايس ايس پي مسعود بنگش به ام رباب کي مزار تي وڃڻ کان روڪڻ جي تصديق ڪندي چيو ته سيڪيورٽي انتظامن سبب ائين ڪيو ويو. هن وضاحت ڪئي ته بينظير ڀٽو جي مزار تي پ پ سان لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڳالهائڻ سان امن امان جي صورتحال بگڙي پئي سگهي، تنهن ڪري قافلي کي روڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *