ميمبرز کي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڀڙڪائڻ وارو بيان انتهائي خطرناڪ آهي: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چونڊ سڌارن کي غير موثر قرار ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجا اختيار اورانگهن ٿا ۽ عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻن ٿا جيستائين انهن اڳيان ڀت نه ڪڍي ويندي ان وقت تائين ڪنهن چونڊ سڌارن جو ڪوئي فائدو نه ٿيندو حڪومت طرفان ايندڙ چونڊن ۾ اليڪترانڪ ووٽنگ مشين به آر ٽي ايس جيان آهي. جنهن تي بلڪل اعتبار نٿو ڪري سگهجي. مسلم ليگ (ن) مهانگائي جي معاملي ۾ پارليامينٽ ۾ خاموش نه آهي، عوام جي مهانگائي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي اپوزيشن کي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، موجوده حڪومت جي ويڪسين جو ڪارڊ به نه کلي آهي مون کي ڳڻتي اهي ته عالمي برادري ان تي ڪاوڙ ڪندي جاويد لطيف نوازشريف جو سچو سپاهي ۽ ان جي موقف ۽ بيانئي جو علمبردار آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ٿي آهي ته هو جواب جمع ڪرائي ڇڏيندو خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪندڙ اهي آهن جيڪي ماضي ۾ ادارن جي احترام جو درس ڏيندا هئا. جڏهن ته هاڻي اهي ئي اقتدار ۾ اچي حملا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي خلاف ذاتي ۽ سياسي مطالفت جي باوجود ادارن تي تنقيد ناهي ڪئي، جڏهن ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي ڀڙڪائي رهي آهي ته اهي اليڪشن ڪمشنر جي خلاف ايڪشن کڻن. اها خطرناڪ ڳالهه آهي هن چيو ته موجوده حڪومت جو اهو رويو رهيو آهي ته جنهن به ان جي نااهلي ۽ خامين کي ظاهر ڪيو ته ان جي مٿان چڙهائي ڪن ٿا ۽ اڄڪلهه اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان جي عذاب هيٺ اهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هر سفارتي محاذ تي ناڪام آهي، منهنجو خيال نه آهي ته ايتري تاريخي ذلت ۽ بدنامي ڪنهن جي حصي ۾ آئي هجي مريم نواز چيو ته جڏهن سي سي اين چينل تي اهو چيو وڃي ته وزيراعظم عمرانخ ان جي حيثيت اسلام آباد جي ميئر کان وڌيڪ نه آهي اهڙي شرمساري پاڪستان جي وزيراعظم جي حصي ۾ ڪڏهن به ناهي آئي نائب صدر چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان احتساب جو ڀاشن ڏئي ماڻهن جي مٿي ۾ سور وڌو ۽ هاڻي پرڏيهي دورن ۾ ملندڙ تحفن تي ڳالهه نڪتي ته هن تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هي سندس ذاتي مال نه آهي هن چيو ته هي عمران خان جو ذاتي يا خانداني مال نه آهي پر پاڪستان جي امانت آهي، مريم نواز چيو ته موجوده حڪومت ۾ پيٽرول، اٽو، ۽ کنڊ جون قيمتون وڌي ويون آهن ان لاءِ هاڻي وزيراعظم عمران خان ان جو ذميوار آهي ڇو ته هو ماضي ۾ قيمتون وڌڻ جو سبب وزيراعطم کي قرار ڏيندو رهيو هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عدالت ايندي هڪ کل جوڳي خبر ٻڌي ته نوازشريف جو ڪرونا ويڪسين جو سرٽيفڪيٽ ٺهيو آهي، ليگي اڳواڻ چيو ته موجوده حڪومت جي ويڪسين ڪارڊ به جعلي آهي ۽ مون کي ڳڻتي اهي ته عالمي برادري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هن چيو ته سال 2018 ۾ ڌانڌلي جو نتيجو ملڪ ۽ عوام ڀوڳي رهيا آهن هن چيو ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن هارائي پوءِ به پنج لک ووٽ (ن) ليگ کي ئي مليا ڌانڌلي ڪندڙ به حيران آهن ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود اسان کي ايترا ووٽ ڪيئن پئجي ويا (ن) ليگ جي نائب صدر چيو ته ادارن کي به گهرجي ته ان جي وچ مان هٽي وڃن. ڪارڪردگي ايتري خراب هجي ظاهر آهي ته ماڻهو بدضن ٿيندا مريم نواز عدالت جي ڪمري ۾ غير رسمي ڳالهائيندي چيو ته نيب جي چيئرمين جي واڌ جو باقاعده اعلان ٿيو ته پنهنجو ردعمل ڏينداسين حڪومتي پاليسي آهي نيب مان اپوزيشن جو ڪردار ڪڍيو وڃي ۽ حڪومتي وزيرن جي ڀائرن کي وڌو وڃي حڪومت جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي ڳالهه ڪرڻ ڌانڌلي جو ئي منصوبو آهي جنهن حڪومت جو بنياد ئي ڌانڌلي آهي ان جو شفافيت سان ڇا واسطو آهي حڪومت کي 4 سال بعد ۾ ڌانڌلي جو سهارو وٺڻو پئجي رهيو آهي، صحافي سوال ڪيو ته جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏني وئي هئي هاڻي نيب جي چيئرمين کي به ڏني پئي وڃي ڇا چوندا مريم نواز چيو ته پهرين واري ايڪسٽينشن جي ڏوهه ۾ شريڪ نه هيس. نائب صدر چيو ته عمران خان جي حصي ۾ بدترين شرمساري آئي آهي. ٻاهرين ملڪ مان ورتل تحفن ۾ عمران خان جي جڏهن پنهنجي چوري پڪڙي وئي ته وڏي سڪون سان چئي ڇڏيو ته مان حساب نه ڏيندس اوهان کي جواب ڏيڻو پوندو هي اوهان جو ذاتي مال نه آهي عمران خان جو پول کلي ويو جڏهن حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ وارو هوندو آهي ته کوڙ ساريون شيون سامهون اينديون آهن. هاني هي بهانو نه هلندو ته جواب نه ڏيندس پر هڪ هڪ پائي جو حساب ڏيڻو پوندو. عمران خان ملڪ جو سڀ کان وڏو سرٽيفائيڊ چور آهي اليڪشن سڌارن بابت مريم نواز چيو ته چونڊ سڌارن کي غير موثر سمجهان ٿي، جيستائين ڌانڌلي جي سوراخ کي بند نه ڪيو ويندو ۽ جيڪي پنهنجا اختيار اورانگهن ٿا جيستائين انهن آڏو ڀت نه ڪڍي ويندي تيستائين سڌارن جو فائدو نه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *