“ميلفسنٽ 2” جي تياري دوران ڏکئي وقت کي منهن ڏنو: اينجلينا جولي

 

لنڊن (شوبز نيوز) مشهور هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي چيو آهي ته کيس ميلفسنٽ 2 جي ميڪنگ دوران کيس ڏکئي وقت کي منهن ڏيڻو پيو. هن ان جو سبب براڊ پٽ کان ڌار ٿيڻ قرار ڏنو. اداڪارا جو چوڻ هو ته ڪجهه سالن کان هو پاڻ کي مضبوط محسوس نه پئي ڪري ۽ سندس ڪمزوري ان وقت شروع ٿي جڏهن هو براڊ پٽ کان ڌار ٿي. هن اعتراف ڪيو ته براڊ پٽ کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ هن تڪليف کي منهن ڏنو ۽ اهو ئي سبب آهي جو فلم ميڪنگ دوران ڏکئي وقت کي منهن ڏيڻو پيو. اداڪارا چئن سالن کانپوءِ ڪنهن فلم ۾ نظر آئي آهي. اينجلينا جولي جي فلم ميلفسنٽ 2 هلندڙ مهيني 18 آڪٽوبر تي رليز ٿي آهي. اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلم ميلفسنٽ جي رليز کانپوءِ ڪجهه اتساهه مليو آهي جنهن کانپوءِ بهتر محسوس ڪري رهي آهيان. ٻئي پاسي اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هن پنهنجي ٻارن کي ڊزني فلمز ۾ شامل ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي پر ڪنهن به ٻار ان ۾ دلچسپي ظاهر نه ڪئي. هن چيو ته منهنجي ٻارن مان ڪنهن کي به اداڪاري جو شوق ناهي. اداڪارا چيو هو ٻار اهو چاهين ٿا ته هو بزنس مين بڻجن يا وري سماجي اڳواڻ. هوڏانهن اداڪارا جي ڌيءُ فلم ۾ نظر آئي آهي. ان بابت جولي جو چوڻ هو ته ڌيءُ ويوين کي اڃان به يقين نه پيو اچي ته مان کيس راڻي بڻائي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *