ميرپورخاص ۾ احتجاج دوران بااثرن پاران پيٽرول هاري ساڙيل هڪ ٻارڙو زندگي جي جنگ هارائي ويو، 2 زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل وارثن جو لاش رکي احتجاج

حيدرآباد(بيورو) ميرپور خاص ۾ گهر تي قبضي خلاف احتجاج ڪرڻ تي بااثر ماڻهن پاران پئٽرول هاري ساڙيل 6 سالن جو معصوم ٻارڙو سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو، رپورٽ مطابق ميرپور خاص جي علائقي ناصر ٽائون جي رهواسي زال مڙس دلمراد جمالي ۽ نصيبا جمالي پنهنجي 6 سالن جي پٽ ساجد علي جو لاش رات دير سان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون رکي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسانجي گهر تي ڪجهه بااثر ماڻهن قبضي جي ڪوشش ڪئي، انهن خلاف گذريل 5 ڏينهن کان اسان ميرپورخاص پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪري رهيا هئاسين ته بااثر ماڻهن گلزار پنهور، ڪنڀار بجير ۽ ٻين پنهنجن ساٿين سان گڏ پئٽرول کڻي اچي اسان مٿان هاري اسانکي باهه ڏني، جنهن ۾ 6 سالن جي سندن پٽ ساجد علي سميت 3 پٽ سڙي پيا، جن کي ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ، جتي ساجد علي باهه جي زخمن جا گهاءُ نه سهي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته باقي ٻه پٽ 25 سالن جي لياقت علي ۽ 5 سالن جو رجب علي جي حالت انتهائي خراب آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر ماڻهن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *