ميرپورخاص ويجهو روڊ حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڄڻا فوت ، 3 زخمي

ميرپورخاص (اي پي پي)ميرپورخاص ويجهو خوفناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن . خبر موجب گذريل ڏينهن ميرپورخاص – نئون ڪوٽ روڊ لڳ ڳوٺ سمن وٽ ٻن تيز رفتار ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ تعلقه ڪنري جي ڳوٺ ٽالهي کان ڪراچي علاج لاءِ ويندڙ هڪ ئي ڪٽنب جا مصدق حسين آرائين ۽ محمد شفيق آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا اشفاق آرائين ۽ عمران آرائين اسپتال ويندي رستي ۾ زخمن جا سور نهسهندي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڪنري جو رهواسي ڊاڪٽر ڀڳوانداس سندس زال ڪانتا ٻائي ۽ سندن پٽ لوڪيش ڪمار سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو جتي ڊاڪٽر ڀڳوانداس کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص کان ڪراچي نيو ويو جڏهن ته ڪانتا ٻائي ۽ سندس پٽ لوڪيش ڪمار کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ داخل ڪيو ويو آهي . خوفناڪ ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل هڪ ئي خاندان جي 4 ڄڻن جا لاش سول اسپتال ميرپورخاص مان قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش کڻڻ لاءِ پهتل فوتين جي وارثن زاهد حسين آرائين ۽ حاجي ياسين آرائين موجب اسان جا مائٽ شفيق آرائين جو ڊائلاسس ڪرائڻ لاءِ ٽالهي کان ڪراچي کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ چارئي ڄڻا فوت ٿي ويا. حد جي پوليس ٻنهي ڪارن کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *