ميرا نجي ٽي وي چينل جي مارننگ شو جي پروڊيوسر کي رانبوٽا پائي زخمي ڪري ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ميرا نجي ٽي وي چينل جي مارننگ شو جي پروڊيوسر کي ننهن سان رانبوٽا پائي زخمي ڪري ڇڏيو، رپورٽن مطابق اداڪارا ميرا جڏهن مارننگ شو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پهتي ته ڪنهن ڳالهه تان پروڊيوسر سان سندس جهيڙو ٿي پيو، جنهن تي هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي ۽ پروڊيوسر تي حملو ڪري ڏنائين، ميرا وڏن ننهن سان پروڊيوسر کي رانبوٽا پاتا، جنهن سبب سندس ٻانهن زخمي ٿي پئي ۽ رت وهندو رهيو، ان موقعي تي موجود ٻين ماڻهن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *