ميجر جنرل رضوان اختر ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ۽ 4 عملدار ڪور ڪمانڊر مقرر

راولپنڊي(م.ڊ) پاڪ فوج طرفان 6 ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي. ترقي ماڻيندڙ ميجر جنرلن ۾ ميجر جنرل رضوان اختر، ميجر جنرل ميان هلال حسين، ميجر جنرل غيور محمود، ميجر جنرل نذير احمد بٽ،  ميجر جنرل هدايت الرحمان ۽ ميجر جنرل نويد مختار شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق ميجر جنرل رضوان اختر کي ترقي ڏئي انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. هو 8 نومبر 2014ع تي پنهنجو عهدو سنڀاليندو. ميجر جنرل رضوان اختر پاڪ فوج جي فرنٽيئر فورس ريجمينٽ ۾ 1982ع ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا مان گريجوئيشن ڪئي ۽ اين ڊي يو ۽ وار ڪورس آمريڪا مان ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر فاٽا ۾ انفينٽري برگيڊ ۽ ڊويزن جي ڪمانڊ پڻ ڪئي آهي ۽ هو پاڪستان رينجرس سنڌ جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهي چڪو آهي. ميجر جنرل هلال حسين کي ترقي ڏيڻ بعد ڪور ڪمانڊر منگلا مقرر ڪيو ويو آهي، ميجر جنرل غيور محمود کي ترقي ڏئي ڪور ڪمانڊر گجرانوالا مقرر ڪيو ويو آهي، ميجر جنرل نويد مختار کي ترقي ڏئي ڪور ڪماندر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، ميجر جنرل هدايت الرحمان کي ترقي ڏيڻ بعد ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ميجر جنرل نذير احمد بٽ کي ترقي ڏيڻ بعد سي آءِ اينڊ ٽي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ميجر جنرل ميان محمد هلال حسين هن وقت ڊائريڪٽر جنرل ملٽري ٽريننگ جي ايڇ ڪيو جي عهدي تي فائز هو. کيس 1982ع ۾ آرٽلري ريجمينٽ ۾ ڪميشن ڏني وئي. ميجر جنرل ميان محمد هلال حسين ڪمانڊ ۽ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا، اين ڊي يو ۽ آسٽريليا مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. هو فاٽا ۾ انفينٽري برگيڊ جي ڪمان پڻ ڪئي آهي ۽ ڊائريڪٽر جنرل رينجرس پنجاب جي عهدي تي پڻ فائز رهيو آهي. هو گڏيل قومن پاڪستان جي مستقل نمائندي جو ملٽري ايڊوائزر ۽ صدر پاڪستان جو ملٽري سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. ميجر جنرل غيور محمود 1982ع ۾ فرنٽيئر فورس ريجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هن ڪمانڊ ۽ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا، اين ڊي يو اسلام آباد ۽ ڪوالالمپور مان گريجوئيشن ڪئي. هو فاٽا ۾ انفينٽري ڊويزن جي ڪمان پڻ ڪري چڪو آهي. هو خيبرپختونخوا جي فرينٽيئر ڪور (ايف سي) جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي فائز رهي چڪو آهي. ميجر جنرل غيور محمود هن وقت جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ وائيس چيف آف جنرل اسٽاف جي عهدي تي فائز پڻ رهي چڪو آهي. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جو ڪمانڊنٽ ميجر جنرل نذير احمد بٽ مارچ 1983ع ۾ فرنٽيئر فورس ريجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هن ڪمانڊ ۽ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ اين ڊي يو اسلام آباد مان گريجوئيشن ڪئي. هو وزيراعظم جو ملٽري سيڪريٽري ۽ آمريڪا ۾ فوجي اتاشي جي عهدي تي پڻ فائز رهي چڪو آهي. هن پڻ فاٽا ۾ انفينٽري ڊويزن جي ڪمان پڻ ڪئي آهي. ميجر جنرل نويد مختار 1983ع ۾ آرمرڊ ڪور ريجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي آهي. هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ اين ڊي يو اسلام آباد مان گريجوئيشن ۽ آمريڪا مان وار ڪورس پڻ ڪيو آهي. هو هن وقت آءِ ايس آءِ ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ ميڪينائزڊ ڊويزن جي ڪمان پڻ ڪري چڪو آهي. ميجر جنرل هدايت الرحمان هن وقت اين ڊي يو اسلام آباد ۾ چيف انسٽرڪٽر جي عهدي تي فائز آهي ۽ هن 1983ع ۾ فوج  ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هو ڪمانڊ ۽ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ اين ڊي يو اسلام آباد مان گريجوئيشن ڪئي. هو پڻ انفينٽري ڊويزن جي ڪمان پڻ ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *