ميانمار ۾ مٽي جي ڇپ زمين تي ڪرڻ سبب 90 ماڻهو دٻجي فوت

ڪاچن(م.ڊ) ميانمار ۾ مٽي جي ڇپ زمين تي ڪرڻ سان 90 ماڻهو دٻجي فوت ٿي ويا، اهو واقعو ملڪ جي اترين حـصي جيڊيا فيروز جي ويجهو ان وقت پيش آيو ،جڏهن کاڻ جي گند ڍير اوچتو زمين تي ڪريو ،ميانمار جي اترين رياستجو چن ۾ جتي اهو سانحو پيش آيو  اهو ڏکيو ۽ ڏورانهن علائقو آهي، جنهن سبب تصديق ٿيل خبرن تائين پهچ تمام گهڻي ڏکي آهي. هڪ مقامي آفيسر جو حوالو ڏيندي پرڏيهي خابرو اداري ٻڌايو ته لينڊ سلائينڊنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 90 ماڻهو مري ويا آهن ۽ ريسڪيو اهلڪار گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن،ان کان پهرين هڪ مقامي شخص ٻڌايو هو ته هن گذريل ڏينهن اوندهه ٿيڻ کان پهرين 50 کان وڌيڪ لاش ڏٺا، جيڪي ميٽيءَ جي ڍيرن هيٺان ڪڍيا ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *