مون کي يقين آهي ته ڌرڻو نه هنيو ويندو، سولائي سان ڌرڻي جي اجازت نه ملندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته ڌرڻو نه هنيو ويندو، سولائي سان ڌرڻي جي اجازت نه ملندي، مولانا فضل رحمان سياسي ماڻهو آهي، هو ڄاڻي ٿو ته ڌرڻي جو نتيجو ڇا نڪرندو، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف سدائين ادارن سان صلح جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم 3 وڳي ميٽنگ سڏائي آهي، حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي، هن چيو ته ڌرڻي بابت سموري صورتحال 26 آڪٽومبر تائين واضح ٿي ويندي، مولانا صاحب سان ڳالهيون ڪرڻ وارا ڪري رهيا آهن اڃا نتيجو ناهي نڪتو، شيخ رشيد چيو ته ڌرڻي تي اڻوندڙ واقعو ٿيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو، وزيراعظم عمران خان ڪي به ڳالهيون نه پيو ڪري پر ڳالهيون ڪرڻ وارا ماڻهو مولانا سان رابطي ۾ آهن، ضروري نه آهي ته ڌرڻو هنيو وڃي رڳو جلسو به ٿي سگهي ٿو، پ پ ڌرڻي ۾ شامل نه ٿيندي، ن ليگ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي، شهباز شريف ۾ ايتري همت ناهي جو هو کلي سامهون اچي سگهي، نواز شريف ڌرڻي جو حامي ۽ شهباز شريف نه آهي، وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف چاهي ٿو ته معاملا صلح سان حل ڪيا وڃن، جڏهن ته سعد رفيق، خواجه آصف، اياز صادق سٺي سوچ رکڻ وارا آهن، ن ليگ ۾ ڪنهن وٽ اڃا فائنل ايجنڊا نه آهي، ن ليگ ڌرڻي ۾ وئي ته ان جي قيمت اپوزيشن کي ادا ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *