مون کي مردن نه پر عورتن جنسي هراسان ڪيو: رابي پيرزادا

 

ڪراچي(شوبز نيو ز)گلوڪاره ۽ اداڪاره رابي پيرزاده جنسي حراسان ڪرڻ خلاف شروع ڪيل مهم ”مي ٽو“ جي حوالي سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته کيس شوبز ۾ مردن نه پر عورتن حراسان ڪيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي رابي پيرزاده ميشا شفيع ۽ علي ظفر جي تڪرار تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ان ويڊيو کي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيو.ويڊيو ۾ رابي پيرزاده علي ظفر جي حمايت ڪندي چيو ته اهو سڀ پبلسٽي اسٽنٽ آهي، اهڙي ڪا به عورت حراسان نه ٿي ٿئي، شوبز ۾ گهريلو جهيڙن کان وٺي طلاق يا ميل ميلاپ جا جيڪي به معاملا سامهون ايندا آهن، سڀ پبلڪ لاءِ هوندا آهن.سندس چوڻ هو ته مان به ڊگهي عرصي کان شوبز انڊسٽري ۾ آهيان، جيڪڏهن اوهان عزت ڏيندا ته اوهان کي عزت ملندي آهي، اسان جي شوبز جون عورتون مي ٽو مهم جو غلط استعمال ڪري رهيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *