مون کي مردن سان نفرت آهي، ان جي ڪري شادي جو ڪو به ارادو نه آهي: حريم شاهه 

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد هن وقت تائين ان جي ڪري شادي نه ڪئي جو، ان کي پهرين ترجيح کيس تحفظ ڏيڻ آهي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حريم شاهه چيو آهي ته شيخ رشيد هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هن شادي منهنجي ڪري نه ڪئي، حريم شاهه جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد هن کي چيو هاڻي تون ملي چڪي آهين ته تنهنجو تحفظ ڪرڻ ضرروي آهي، تون پوري پاڪستان تي ڀاري آهين، ان جي ڪري توهان جو تحفظ منهنجي ترجيحن ۾ شامل آهي، حريم شاهه جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد سان شادي ڪرڻ ۾ منهنجي ڪا به دلچسپي نه آهي، مون کي مردن سان نفرت آهي، ان جي ڪري شادي جو ڪو به ارادو نه آهي، واضح رهي ته هن کان اڳ ميڊيا ٽاڪ دوران حريم شاهه شيخ رشيد کي ڀائرن جهڙو قرار ڏئي چڪي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *