مون کي صوفياڻي ڪلام ۽ سينيئرن جي ادب جي ڪري مشهوري ملي آهي: صنم ماروي

ڪراچي (شوبز نيوز) سنڌ جي جڳ مشهور ڳائڻي صنم مارويءَ چيو آهي ته مون کي صوفياڻي ڪلام ۽ سينيئرن جي ادب جي ڪري مشهوري ملي آهي، جڏهن به صوفياڻو ڪلام پيش ڪندي آهيان ته پنهنجي ذات ۾ گھم ٿي ويندي آهيان. خابرو اداري سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران صنم مارويءَ چيو ته جن به صوفياڻو ڪلام ڳايو آهي، خدا ان کي عزت، مقام ۽ مشهوري عطا ڪئي آهي، جنهن جو جيئرو مثال سنڌ جي ليجنڊري ڳائڻي سانئڻ عابده پروين، اقبال باهو، مائي ڀاڳي، علڻ فقير سميت ٻيا شامل آهن. صنم مارويءَ چيو ته منهنجا چاهيندڙ منهنجي ڳائڻ واري انداز کي تمام گھڻو پسند ڪندا آهن. پر ڪنهن به ڳائڻي جي لاءِ رياضت تمام ضروري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صنم مارويءَ چيو ته صوفياڻي ڪلام کي ڀارت ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. مان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پرفارم ڪري چڪي آهيان، پر سٺا ٻڌندڙ رڳو پاڪستان ۾ ئي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *