مون کان وڌيڪ ساٿي ادارن کي ڊائيلاگ ملندا آهن ته سٺو ناهي لڳندو: نانا پاٽيڪر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر جو چوڻ آهي ته جڏهن ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ٻين اداڪارن کي مون کان وڌيڪ سٺا ڊائلاگ ڏنا ويندا آهن ته مون کي سٺو ناهي لڳندو. فلم ”ويلڪم بيڪ“ ۾ نانا کي انيل ڪپور کانساڙ ٿي پيو آهي. ممبئيءَ ۾ رٿيل ”ويلڪم بيڪ“ جي پريس ڪانفرنس ۾ نانا پاٽيڪر چيو ته غير محفوظ هجڻ جو احساس تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن سامهون وارو اداڪار بهتر ڊائلاگ يا کيس پنج لائينون ملن. ان ڳالهه تي منهنجي هدايتڪار انيس بزمي سان به تمام گھڻو بحث ٿيندو هو. انيل ڪپور ۽ نانا پاٽيڪر سنه 1989ع جي هِٽ فلم ”پرنده“ ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ 19 سال کان پوءِ فلم ”ويلڪم“ ۾ ۽ هاڻي ”ويلڪم بيڪ“ ۾ گڏ ڪم ڪري رهيا آهن. نانا چيو ته ”پرنده“ دوران انيڪل ڪپور تمام وڏو اسٽار هو پر ويلڪم ڪندي وقت انيل ڪپور جي صورت ۾ ننڍو ڀاءُ ملي ويو. فلم ”ويلڪم بيڪ“ ۾ انٽرنيشنل ڊان جو ڪردار هاڻي نصير الدين شاهه ادا ڪندو، پهرين ويلڪم ۾ اهو رول ليجنڊري فيروز خان ادا ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *