مون وٽ ٻه ٽي آڊيوز ٻيون به آهن ”معاملي کي هر فورم تي کڻي وينديس“:مريم نواز جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مون وٽ ٻه ٽي آڊيوز ٻيون به موجود آهن، قانوني مشاورت جاري آهي، معاملو سپريم ڪورٽ يا ڪنهن به فورم تي ٿيو ته کڻي وينديس. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته مون کي اميد آهي ته اسان جي عدليا ۾ انصاف پسند جج موجود آهن، اسان جا وڪيل موجود آهن ۽ اسان جي قانوني مشاورت جاري آهي، معاملي کي هر سطح تي کڻي وينداسين. هن چيو ته اسان گهڙي گهڙي عدالت جو در کڙڪايو، هر ڀيري فيصلو نئين سزا جي صورت ۾ سامهون آيو، بي ڏوهه کي سزا ڏيڻ جو بار وڏو هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *