مون فلم ”دريشام“ ۾ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو آهي: تبو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا تبوءَ چيو آهي ته پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار سولو ناهي هوندو. پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ هن چيو ته مون فلم ”دريشام“ ۾ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪردار ايترو سولو نه هو، هن چيو ته بالي ووڊ ۾ هيروئنن کي پهريان اهڙي قسم جا ڪردار نه ملندا هئا، پر هاڻي بالي ووڊ ۾ هيروئون به مضبوط ڪردارن ۾ نظر اچي رهيون آهن، هن چيو ته مان نه ٿي ڄاڻان ته ماڻهون مون کان ڪيستائين شاديءَ بابت پڇندا رهندا ، ماڻهن کي منهنجي شاديءَ جو وڏو فڪر لڳل  آهي، تبوءَ چيو ته مان عام زندگيءَ ۾ تمام گھڻي شرميلي آهيان، پر فلمن جو پروموشن سٺي طريقي سان ڪري ويندي آهيان. تبوءَ چيو ته هڪ ٻئي پويان فلمون سائڻ ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي، فلمي مصروفيتن جي ڪري ئي مان پنهنجي تعليم مڪمل ناهيان ڪري سگھي، مون فلمن يا عام زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ کان هَٽي فيشن ناهي ڪيو، شخصيت موجب فيشن ڪندي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *