مون سون وڻ ڪاري مهم ۾ هر پاڪستاني گهٽ ۾ گهٽ 2 ٻوٽا پوکي پنهنجي ايندڙ نسل جو تحفظ يقيني بڻائي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير عمران خان جو چوڻ آهي ته 18 آگسٽ تي ٿيندڙ مون سون وڻ ڪاري مهم ۾ هر پاڪستاني گهٽ ۾ گهٽ 2 پودا لڳائي پنهنجي ايندڙ نسل جو تحفظ يقيني بڻائي. اسلام آباد ۾ مون سون وڻ ڪاري مهم جي آغاز جي لاءِ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم ماحوليات واري وزير امين اسلم کي 5 سالن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ وارو منصوبو تيار ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون. سندس چوڻ هو ته ملڪ جو مستقبل هن جا نوجوان آهن ۽ اسان پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائي دنيا جي لاءِ مثال قائم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو، آغاز ۾ ڪير به مڃڻ جي لاءِ تيار نه هو پر اسان ائين ڪري ڏيکاريو. هن ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه ۾ جهنگن ۾ 6.5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جنهن جو عالمي خودمختار اداري به اعتراف ڪيو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان وڻ ڪاري جي لاءِ سياسي اثر رکندڙ تمر مافيا جو مقابلو ڪيو جنهن ۾ ٻيلي کاتي جا 10 جوان شهيد ٿيا. سندس چوڻ هو ته ان مهم کي پاڪستان جي ٻين حصن ۾ به ڪامياب بڻائڻو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان هن ملڪ ۾ وڻ نه لڳائينداسين ته اسان جي ملڪ جي گرمي پد ۾ گهٽتائي نه ٿيندي ۽ ان سان عوام جو مستقبل ڏکيائي ۾ پئجي ويندو. سندس چوڻ هو ته وڻ ڪاري آپشن ناهي پر ضرورت آهي ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل بچائڻ جي لاءِ  وڻ لڳائڻ انتهائي ضروري آهي. هن 18 آگسٽ تي پاڪستانين کان گهٽ ۾ گهٽ 2 ٻوٽا لڳائڻ جي اپيل ڪئي. سندس اِهو به چوڻ هو ته اِها تحريڪ 5 سال هلندي ۽ پختونخواه جيان جيڪڏهن اسان ان ۾ به ڪامياب ٿي وياسين ته اسان جي ٻارن جو مستقبل بهتر ٿيندو. خطاب دوران هن ماحوليات واري صلاحڪار امين اسلم کي هدايت ڪئي ته وڻ ڪاٿي لڳي رهيا آهن ۽ ڪهڙو صوبو ان ڪم ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ صوبي ۾ به ڪهڙي ضلعي ۾ بهتر ڪاڪردگي آهي، ان حوالي سان عوام تائين آگاهي پهچائي وڃي. عمران خان جو چوڻ هو ته وڻن جي گهٽتائي جي ڪري گدلاڻ پکڙجي رهي آهي ۽ مرض پيدا ٿي رهيا آهن جڏهن ته وڻ لڳائڻ سان گدلاڻ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن ٻڌايو ته لاهور ۾ 1990ع ۾ جيترا وڻ هئا ان ان جو رڳو 5 سيڪڙو اُتي باقي بچيو آهي جهن جي ڪري اُتي گدلاڻ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *