مون سان ٿيل فراڊ تي چيف جسٽس مدد ڪري: ليليٰ

 

ڪراچي(شوبز نيوز) داڪارا ليليٰ دعويٰ ڪئي آهي ته مون ڪراچي ۾ گهر خريد ڪيو هو پر فراڊ ڪري مونکان اهو گهر کسيو ويو آهي.ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اداڪارا ليليٰ چيو ته مون ڊفينس جي فيز نمبر 5 ۾ شاهد حسين شمسي نالي همراهه کان گهر خريد ڪري پيسا به ڏنا هئا، پر هاڻي نجي بينڪ جو نوٽيس مليو آهي ته توهان ادائگي ناهي ڪئي. اداڪارا ليليٰ چيو ته شاهد حسين شمسي بئنڪ مئنيجر ۽ پراپرٽي ڊيلر سان ڳٺ جوڙ ڪري منهنجو گهر کپائي ڇڏيو آهي.اداڪارا پريس ڪانفرنس دوران روئيندي چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته توهان منهنجي مدد ڪري منهنجو گهر واپس ڪرايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *