مونکي خوبصورتي سبب نه پرکيو وڃي: مومنا محسن

لنڊن (شوبز نيوز) ڪو اسٽوڊيو سيزن جي 9 جي گاني آفرين آفرين مان شهرت حاصل ڪندڙ مومنا محسن انڪشاف ڪيو آهي ته ظاهري خوبصورتي سبب ملندڙ توجهه سبب هو ڪجهه وڌيڪ سٺو محسوس نٿي ڪري، بي بي سي اردو مان فيس بڪ تي لائيو چيٽ ڪندي مومنا چيو ته سچ ٻڌايان ته مونکي ڄاڻ نه هئي ته منهنجي مسڪراهٽ ۾ ڪا خاص ڳالهه آهي، شروع ۾ اهو سٺو نه لڳندو هو ته ماڻهو مون کي ان سبب سڃاڻين، هن وڌيڪ چيو ته مان ڪا ماڊل يا اداڪار نه آهيان ۽ نه ئي مان دعويٰ ڪيان ٿي پر اهو سڀ مون کي وڌيڪ سٺو نٿو لڳي، مون کي خبر هئي ته اهو سڀ ائين ٿيندو، اهو ئي سبب هو جو مان ڪيمرا کان پري رهندي هيس، رپورٽ موجب مومنا چيو ته شهرت ان لاءِ ذهني دٻاءُ جو سبب بڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *