مونکي جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون: اشنا شاهه

لاهور(شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا اشنا شاهه چيو آهي ته مونکي جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. اشنا شاهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن ماضي بابت لکيو آهي. هن چيو ته کيس گهڻو وقت اڳ جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. هن چيو ته انهن ڌمڪين سبب پهرين ته خوف ٿيو هو پر پوءِ مون فيصلو ڪيو ته اهڙن معاملن کي منهن ڏيئڻو پوندو ڇاڪاڻ ته هن مردن واري سماج ۾ عورت کي بهادري سان اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن عورت بهادري جو مظاهرو ڪري ته محفوظ ٿي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *