مولانا هوندي يهودي سازشن جي ضرورت ناهي، مافيا بچي وئي ته ملڪ جو مستقبل نه هوندو: عمران خان

ميانوالي (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جاچ ٿيڻ گهرجي ته نواز شريف قطر جو جهاز ڏسي ٺيڪ ٿيو يا لنڊن جي هوا کائي صحتياب ٿيو. هو ڊاڪٽرز جون رپورٽس ڏسي حيران ٿي ويو ته جنهن مريض کي سڀ بيماريون هجن، اُهو ڏاڪڻيون چڙهي جهاز ۾ سوار ٿيو. ميانوالي ۾ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته سندن حڪومت کي 12 سئو ارب رُپين جا گردشي قرض، گئس جي شعبي ۾ 154 ارب ۽ ساڍا 19 ارب رُپين جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ورثي ۾ مليو. ائين ناهي ته موجوده حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو ۽ مهانگائي وڌي وئي، مهانگائي ته اِن ڪري وڌي آهي جو ماضيءَ جي حڪومتن رُپئي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پئسو انجيڪٽ ڪيو. پنهنجي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان پرويز مشرف تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته جڏهن جنرل مشرف سياستدانن جو احتساب شروع ڪيو ته کيس چيو ويو ته اهي سڀ هڪ ٿي ويندا ۽ توهان جي ڪرسي هلي ويندي. جنهن کانپوءِ هُن پهرين شريف ڪُٽنب ۽ پوءِ آصف زرداري کي اين آر او ڏنو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته هو اڪيلي سر مافيا جو مقابلو ڪندو، ڇاڪاڻ جو مافيا بچي وئي ته ملڪ جو ڪوبه مستقبل نه هوندو. وزيراعظم چيو ته حسن نواز 8 ارب رُپين واري گهر ۾ رهندو آهي، وٽس ايترو پئسو ڪٿان آيو؟ اسحاق ڊار جي والد جو سائيڪلن وارو دُڪان هو، پر هو پاڻ ارب پتي ٿي ويو آهي. آئون ڪرسي بچائڻ لاءِ نه، پر تبديلي لاءِ آيو آهيان. جيڪڏهن ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن کي ڇڏي ڏنو ته اها سڀ کان وڌيڪ غداري هوندي. تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان علاج لاءِ پرڏيهه ويل نواز شريف ۽ سندس ڀاءُ شهباز شريف تي به تنقيد ڪئي. هُن چيو ته نواز شريف کي جهاز جون ڏاڪڻيون چڙهندي ڏٺو ته ڊاڪٽرز جون رپورٽس ياد اچي ويون. رپورٽ ۾ هو ته مريض کي دل جو مسئلو آهي،  ڪڊني خراب اٿس، شُگر به وڌيل آهي، جيڪڏهن مريض کي پرڏيهه وڃن جي اجازت نه ملي ته ڪنهن به وقت هليو ويندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته هو سوچي رهيو آهي ته جهاز ڏسندي ئي مريض ٺيڪ ٿي ويو يا لندن جي هوا کائي صحتياب ٿيو آهي، خبر ناهي پر اُن حوالي سان جاچ ٿيڻ گهرجي. نواز شريف کي جهاز تي چڙهندي ڏٺو ته ڊاڪٽرز جون رپورٽس پنهنجي اڳيان رکي ڇڏيون، پوءِ ڪنهن مهل نواز شريف ته ڪنهن وقت سندس رپورٽس کي ڏسي رهيو هئس. ميانوالي ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان مولانا فضل الرحمان جي هوندي يهودين کي سازش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هو ملڪي معيشت کي نقصان پهچڻ سبب اسلام آباد نه آيو، پر کيس پنهنجو سياسي دُڪان هلائڻ جي پريشاني هئي. شهباز شريف چاهيو پئي ته ڀلي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري، بس رڳو سندن خلاف ڪيسز ختم ٿي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *