مولانا فضل الرحمان هٿين خالي اسلام آباد آيو هو ۽ هٿين خالي موٽي ويو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان هٿين خالي اسلام آباد آيو هو ۽ هٿين خالي موٽي ويو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا صاحب! توهان جون سياسي پاڙون عوام پَٽيون پر توهان جمهوريت کان پلاند وٺڻ شروع ڪيو، قوم ڏسي ڇڏيو ته ڪير اسلام آباد مان موٽيو ۽ ٻاهر وڃي ڪِريو. هن چيو ته عوام توهان کي رد ڪري ثابت ڪيو ته اهي انتهاپسندي سان گڏ ناهن، عوام توهان جا سڄا پلان رد ڪري ڇڏيا ۽ توهان کي پلان ”ايگزٽ“ جو سهارو وٺڻو پيو. سندس چوڻ هو ته عوام روڊ بلاڪ پلان به رد ڪري ڇڏيو، مولانا جمهوريت جي رستي ۾ انا جون رنڊڪون پيدا ڪري پنهنجو سياسي مستقبل خراب نه ڪري، تڪ ۾ وڃي، سياسي طور هلڪو نه ٿئي. فردوس عاشق اعواڻ موجب اسان صبر جو مظاهرو ڪندي جمهوري طريقي ڪار اختيار ڪيو، توهان جي احتجاج جو حق تسليم ڪيو، عمران خان جي ڌرڻي خلاف توهان جي نفرت ۽ ڌمڪيون تاريخ جو حصو آهي، هيءَ اها ئي پارليامينٽ آهي، جنهن ۾ توهان جو فرزند توهان جي ڪرسي تي ويٺو آهي، ڇا ان جي پگهار ۽ مراعتون حلال ۽ جائز آهن؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *