مولانا فضل الرحمان لاڙڪاڻي پهتو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي پٽن سان تعزيت،اهم اجلاس طلب

لاڙڪاڻو(بيورو) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قاتل ائين نه سمجهن ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي شهيد ڪرڻ سان اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. شهيد جي ڇڏيل مشن ۽ نقش قدم تي هلنداسين. اهڙيون ڳالهيون هن ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي پٽن مولانا راشد محمود ، مولانا ناصر محمود سومرو ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون. هن چيو ته اهو حملو ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مٿان نهپر منهنجي مٿان ٿيو آهي ۽ پهريان به منهنجي مٿان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ مان معجزاڻي طور محفوظ رهيس. هن چيو ته اسان جي اهم ساٿي کي ڪمزور مجرمن، قاتلن نشانو بڻائي هن کي اسان کان جدا ڪيو آهي، جنهن الله جي دين لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مسجد ۾ نماز دوران شهيد ٿي اعليٰ مقام حاصل ڪيو. هن کي مرده نه چيو وڃي هو شهيد آهي ۽ شهيد قيامت تائين زنده رهندا آهن. هن چيو ته ظالمن ڊاڪٽر خالد محمدو سومرو کي شهيد ڪري منهنجي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ۽ اسان پنهنجي بهادر، وفادار، مفلس ڀاءُ کان محروم ٿي ويا آهيون. هن چيو ته قاتلن خالد محمود سومري کي شهيد ڪيو پر هاڻ سڄي پاڪستان مان جميعت علماءِ اسلام جو ٻچو ٻچو خالد محمود سومرو بڻجندو. هو هڪ بهادر، عقابر، مدبر، انسان دوست هو. جنهن مذهب، ملڪ جي عوام لاءِ وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪري شهادت جو رطبو ماڻيو. هن چيو ته شهادت ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندي آهي. سندس اسلام، ملڪ ۽ عوام لاءِ قرباني رنگ لائيندي. هن چيو ته هي وڏو انتهائي ڏکائيندڙ واقعو ۽ صدمو آهي. ڪارڪن نه گهٻرائن. اهي پنهنجي قوت ۽ طاقت مدرسن ۾ ديني ڪم ۽ انسان ذات جي خدمت ۾ صرف ڪن. مولانا فضل الرحمان سخت حفاظتي انتظامن هيٺ مدرسي پهتو. ان مواقعي تي ڪارڪن الله اڪبر جا نعرا هڻي قاتلن ٿي لعنت وسائي، مولانا فضل الرحمان ڊڪٽر خالد محمود سومرو جي پٽن مولانا ناصر محمود سومرو، راشد محمود سومرو ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ کين آٿت ڏني. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان مولانا راشد محمود سومرو کي پنهنجي پيءَ جي پڳ ٻڌرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *