مولانا فضل الرحمان جو پلان بي سياسي بدحواسي منصوبو آهي، اهڙو قدم نه کڻي جو سياسي عبرت جو نشان بڻجي: فردوس اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو پلان بي سياسي بدحواسي منصوبو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 03

ڪندي فردوس عاشق اعواڻ لکيو ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪري پر ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جا سڀ پلان ناڪام ٿيندا. هن چيو ته مولانا جمهوري ۽ عوامي پلان سامهون آڻي، پلان بي تحت ڪو اهڙو غير ذميواراڻو قدم نه کڻو جو توهان پاڻ سياسي عبرت جو نشان بڻجي وڃو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *