مولانا فضل الرحمان تي خودڪش حملو، مولانا بچي ويو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 2 2 زخمي ، ذميواري جند الله قبولي ورتي

ڪوئيٽا، اسلام آباد (م.د/بيورو) بلوچستان جو صوبائي گادي وارو هنڌ هڪ ڀيرو وري دهشتگردي جي وڪڙ ۾، هڪ ئي ڏينهن ۾ دهشتگردي جا ٽي واقعا، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تي خودڪش حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ۽ 2 2 زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، مولانا فضل الرحمان حملي ۾ بچي ويو، صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف سميت تمام سياسي اڳواڻن جي خودڪش حملي جي مذمت. ڪوئيٽا جي علائقي مالي باغ ۾ مفتي محمود ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي خودڪش حملو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ۽ 2 2 زخمي ٿي پيا، پرپوءِ مولانا فضل الرحمان بچي ويو پر سندس بلٽ پروف گاڏي جا شيشا ڀڄي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي، جن مان ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ هجڻ سبب وڌيڪ فوتين جو خدشو آهي. ٻئي طرف جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تي حملي جي ذميداري تحريڪ طالبان پاڪستان کان علحده ٿيل هڪ گروپ پابندي مڙهيل تنظيم جند الله قبول ڪري ورتي. خانگي ٽي وي موجب پابندي مڙهيل تنظيم جند الله جي ترجمان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ان واقعي جي ذميداري قبولي ورتي پرپوءِ مولانا فضل الرحمان تي خودڪش حملي جو سبب ناهي ٻڌايو ويو. ياد رهي ته ڪوئيٽا ۾ مولانا فضل الرحمان تي حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ۽ 2 2 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *