موسمياتي تبديلي واري وزارت سڀني صوبن کي هيٽ ويو جو باضابطا الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي واري وزارت سڀني صوبن کي هيٽ ويو جو باضابطا الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته دنيا سميت ڏکڻ ايشيا ۾ به هن سال سخت گرمي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي علائقن ۾ گرمي پد 49 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وقت کان اڳ گرمي جي شديد لهر ۾ واڌ ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي علامت آهي، پاڪستان مارچ کان غير امڪاني گرمي جي شديد لهر کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن سال پاڪستان ۾ گرمي پد معمول کان 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. سندس چوڻ هو ته موسميات کاتي موجب هن سال مارچ 1961کان هيل تائين گرم ترين مهينو هو، مارچ ۾ ئي برساتون معمول کان 62 سيڪڙو گهٽ رڪارڊ ڪيون ويون آهن، سال 2018 ۾ به اپريل مهيني ۾ نواب شاهه دنيا جو گرم ترين شهر بڻيو،  جڏهن پارو 50 ڊگري کان مٿي هليو ويو هو. شيري رحمان چيو ته عالمي ادارن سال جي منڍ ۾ ئي پاڪستان ۾ وقت کان اڳ سخت گرمي ۽ ان جي ڊگهي لهر جي حوالي سان خبردار ڪيو هو، اڳوڻي حڪومت کي ان حوالي سان اڳواٽ قدم کڻڻ گهرجن ها. هن چيو ته گرمي جي شديد لهر ۾ ماڻهن کي صحت ۽ زراعت جي حوالي سان خطرا هوندا، عوام کي اپيل آهي ته گرمي کان بچاءَ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *