موري  ڀرسان بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت، 35  زخمي

مورو(م.ڊ) مورو ڀرسان قومي شاهراھ نزد المدينه پيٽرول پمپ وٽ ڀٽ شاھ کان سکر ويندي ڀٽ شاھ جي پانڌيئڙن جي بس ڊرائيور کي ننڊ جو جھوٽو اچڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي موٽروي پوليس، ايڌي ايمبولنس رضاڪارن ۽ سوشل سماجي ماڻھن پاران مورو اسپتال آندو ويو، جتي زخمين کي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي، حادثي دوران موقعي تي 3 ڄڻا ڪوچ ھيٺيان اچڻ سبب چيڀاٽجي فوت ٿيا ۽ 3 ڄڻا مورو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿيا، فوتين ۾ شوڪت ولد گل حسن شيخ ويٺل سکر، ممتاز ولد يوسف شيخ ويٺل سکر، ڍولڻ ولد انور شيخ ويٺل سکر، ديدار ولد امداد عباسي ويٺل خيرپور، امير بخش ولد مشتاق لانگاھ ويٺل خيرپور ميرس ۽ عبدالله شامل آهن، زخمين ۾ حاجي عبدالله تڙت، فرمان ڇڄڙ، برڪت شيخ، صاحب شيخ، حبدار شيخ، رسول بخش مبيجو، نذير احمد مبيجو، صدام عباسي، جميل احمد عباسي، محمد نواز ڇڄڙ، قادر بخش تڙت، خورشيد احمد بلوچ، خدابخش چنو، محمد ملوڪ چاچڙ، مير حسن شنباڻي، ٻاجهي ڪانڻيجو، سرور ڪانڌڙو، غلام اصغر شنباڻي شامل آهن جن مان 4 ڄڻن کي نوابشاھ منتقل ڪيو ويو، ٻين زخمين جو علاج جاري آهي. تعلقي اسپتال م ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ پنج ايمبولينس پڻ مختلف اسپتالن مان گھرايون ويون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *