مورو ۾ پيءُ هٿان ڌيءَ ڪارنهن الزام تحت قتل، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ڪيس داخل

مورو(رپورٽر) موري جي پوسٽ آفيس ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن ڇوڪري جي پراسرار موت جو معاملو حل ٿي ويو، ناري جو قاتل والد نڪتو، پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪري ڪوڙو رچايو، بندوق هٿ ڪئي وئي آهي، پوليس، گذريل ڏينهن پوسٽ آفيس ڪالوني ۾ ناري صوفيه جو موت واقع ٿيو هو، جنهن جو سبب اتفاقي گولي ڄاڻايو ويو هو، پوليس ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي ڌيءَ جي قتل جي الزام ۾ والد کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن واقعي بابت اعتراف ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مورو ٿاڻي تي ڇوڪري جي پيءُ نياز حسين ڪورائي مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، سرڪاري فرياد ۾ ڄاڻايو ويو ته ناري صوفيه کي ڪارو ڪاري جو الزام ڏئي قتل ڪري لاش بنا ٻڌائڻ جي دفن ڪري ثابت لڪائي پئي وئي ته ڳجهي اطلاع تي ڇوڪري جي والد کي گرفتار ڪيو ويو، قاتل وٽان واقعي ۾ استعمال ڪيل بندوق هٿ ڪئي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.ٻئي طرف  مورو شھر ۾ نوجوان ناري گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب مارجي وئي. پوسٽ آفيس ڪالوني ۾ پوسٽ آفيس جي پٽيوالي نياز حسين ڪورائي جي 18 سالن جي نياڻي صفيه ڪورائي گھر ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، کيس مورو اسپتال آندو ويو، جتي طبي امداد ملڻ بعد نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو پر ناري بچي نه سگهيا ۽ زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي، بنا پوسٽ مارٽم جي لاش دفنائڻ جي ڪوشش جي اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ ورتو ۽ لاش جو موري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو. مورو پوليس پٽيوالي نياز حسين ڪورائي جي ڪوارٽر تي ڇاپو هڻي ناري جا رت وارا ڪپڙا پڻ ھٿ ڪري ورتا. ڊي ايس پي مورو غلام محمد مھر ٻڌايو ته پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل ناري جا مائٽ مختلف بيان ڏئي رهيا آهن، ڪنهن مهل چون ٿا ته پيٽ جي سور سبب فوت ٿي وئي، هاڻي آپگهات قرار ڏين پيا. وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد حقيقت سامهون ايندي ته ناري جو موت ڪيئن ٿيو. جڏهن ته فوت ٿيل ناري جي پيءُ نياز حسين ڪورائي ٻڌايو ته گذريل رات جو دير سان ڪمري ۾ ستل ھئاسين، اوچتو فائر جو آواز ٿيو ۽ منهنجي ڌيءَ زخمي ٿي پئي، نوابشاهه نيئندي رستي ۾ فوت ٿي وئي. ان کان اڳ ناري جي پيءُ چيو هو ته پيسٽ ۾ تڪليف سبب سندس ڌيءُ فوت ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *