مورو پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، هڪ ڦورو مارجي ويو ، ٻه فرار

مورو (رپورٽر) مورو پوليس مقابلو هڪ ڦورو آصف سومرو مارجي ويو، ٻه ڄڻا فرار، پسٽل ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ، ڦورو مختلف ڪيسن ۾ گهربل هيو، ايس ايڇ او مورو، لاش پوسٽ ماررٽم بعد وارثن حوالي، تفصيل موجب؛ مورو ڀرسان قومي شاهراھ ٽئين ميل وٽ ڦر جي ارادي سان ويندڙ ٽن موٽر سائيڪل سوار ڦورن کي مورو پوليس پاران روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڦورو نه بيٺا ۽ فرار ٿيندي ڪيلي جي فصل ۾ لهي ويا جنهن تي مورو پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو آصف سومرو شديد زخمي ٿي پيو جنهن پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي ۽ ٻه ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته زخمي ڦورو کي مورو پوليس ٿاڻي تي آڻڻ کانپوءِ مورو اسپتال پهچايو جتي ڦورو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن مارجي ويل ڦورو مورو شهر جي ملڪ ڪالوني جو رهواسي آهي ان موقعي تي ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر ٻڌايو ته اسان صبح جي وقت گشت دوران قومي شاهراھ تي گشت ڪري رهيا هئاسين جنهن دوران هي ٽي ڄڻا ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار ٿي اچي رهيا هئا جن مٿان شڪ جي بنياد تي روڪڻ جي لاءِ چيو ته هي فرار ٿي ويا ۽ ڪجھ مفاصلي تي هڪ ڪيلي جي فصل ۾ لهي ويا جتي هنن اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران ٻنهي طرفن کان مقابلو ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ ڦورو آصف سومرو زخمي ٿي پيو جيڪو ٻاهر اچي اسان کي گرفتاري ڏني ۽ ٻيا فرار ٿي ويا جڏهن هنن وٽان هڪ موٽر سائيڪل ۽ پسٽل پڻ هٿ ڪيو آهي ايس ايڇ او مورو وڌيڪ ٻڌايو ته هي ڦورو هو ۽ هن مٿان مورو ٿاڻي تي مختلف ڏوهن جا 30 کان مٿي ڪيس داخل ٿيل آهن جڏهن ته ٻين ٿاڻن تي پڻ هن مٿان ڪيترائي ڪيس داخل آهن هي مختلف ڏوهن ۾ ملوث هو ۽ هن سان جيڪي ٻه فرار ٿي ويا آهن انهن ۾ هڪ لوٽو عرف قمرالدين مهر ۽ عمران مهر آهي جن جي تلاش جاري آهي هن ٻڌايو ته مورو شهر ۾ جيڪي به ڏوھ ٿي رهيا هئا انهن ۾ هي ڦورو گهڻو ملوث رهيا آهن جن وٽان ڪافي شيون برآمد پڻ ڪيون ويون آهن ۽ جيڪي به مورو ۽ ان جي آسپاس ۾ ڏوهاري رهن ٿا انهن خلاف تمام جلد هڪ وڏو آپريشن ڪيو ويندو ان ڪري ڏوهارين کي گهرجي ته هو ڏوهن جي دنيا ڇڏي اسان کي پاڻ گرفتاري ڏين نه ته ٻي صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. هوڏانهن مارجي ويل ڦورو آصف سومرو جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ياد رهي ته مارجي ويل آصف سومرو جي امڙ مورو شهر جي مختلف پاڙن ۾ گهرن اندر مزدوري ڪري گهر جو چرخو هلائيندڙ هئي جنهن ڪجھ وقت اڳ پوليس جي پٽ مٿان ناجائز ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج پڻ ڪيو هيو پر هن ماءُ سان ڪو به تدارڪ نه ڪيو ويو جڏهن ته مورو شهر ۽ ان جي آسپاس اهي پڻ چوٻول هلي رهيا آهن ته نوجوان کي پوليس گهران کنڀي کڻي وڃي ڪوري مقابلي ۾ ماريو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *