مورو جي ڪچي لنڪ روڊ ڀرسان پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو، هڪ ڌاڙيل مارجي ويو

مورو(نمائندو) مورو ڀرسان ڪچي جي لنڪ روڊ ڀرسان بيٺل فصل ۾ مورو پوليس کي ڌاڙيلن جي موجودگي جو خفيه اطلاع ملڻ تي مورو ڊي ايس پي مورو فدا حُسين چانڊيو، ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر جي اڳواڻي ۾ پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري ڪچي جي هڪ لنڪ روڊ وٽ پهتا ته ڀرسان ڪمند جي فصل ۾ لڪل ڌاڙيل پوليس مٿان انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني بعد ۾ پوليس پاران ڌاڙيلن مٿان جوابي فائرنگ ڪري ڏني ۽ فائرنگ جو سلسلو ڪافي دير تائين جاري رهڻ دوران هڪ ڌاڙيل مارجي ويو ۽ جڏهن ته ٻيا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا بعد ۾ پوليس مارجي ويل ڌاڙيل جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال مورو آندو جتي سوين شهري گڏ ٿي ويا ٻئي پاسي ڊي ايس پي مورو فدا حسين چانڊيو ۽ ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر مورو ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس مورو ميڊيا پريس ڪلب جي صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي خفيه اطلاع مليو ته مختلف ڏوهن ۾ گهربل بدنام ڏوهاري وڏي ڏوھ جي ارادي سان ڪچي جي علائقي ۾ ويٺل آهن جتي پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري ڏوهارين سان مقابلو ڪيو ويو مقابلي دوران هڪ ڏوهاري گاجي عرف غازي رند ٿڏي تي مارجي ويو ۽ باقي ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاري گاجي عرف غازي رند ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ پڻ ڪنڊيارو ٿاڻي جي پوليس جمعدار نياز ڪلهوڙي کي مقابلي دوران پڻ شهيد ڪرڻ ۾ ملوث هو جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاري وٽان هڪ ڪلاشنڪوف سميت ٽي گولين جون ميگزينون پڻ هٿ آيون آهن پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري پوري ضلعي ۾ موٽر سائيڪل جي ڦرن چورين ڌاڙن ۽ قتل ۾ ملوث رهيو آهي جڏهن ته باقي فرار ٿيل ڏوهارين پٺيان پوليس ويل آهي جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو انهي موقعي تي ايس ايڇ او درس سڪندر چانگ، ايس ايڇ او نوان جتوئي محمد حيات چانڊيو، ايس ايڇ او سڌوجا غلام شبير سميت مختلف ٿاڻن جا پوليس آفيسر موجود هئا. اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي نوشهروفيروز نياز احمد چانڊيو مورو ٿاڻي تي پهچي ڏوهارين سان مقابلو ڪندڙ پوليس ٽيم کي شاباس ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *