مورني مورڪل ون ڊي ۾ اسٽورٽ براڊ جو وڌيڪ وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

پورٽ الزبٿ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقي فاسٽ بالر مورني مورڪل ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اسٽورڊ براڊ جو وڌيڪ وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. مورڪل انگلينڊ خلاف کيڏيل ٻئين ون ڊي ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو. انگلينڊ خلاف کيڏيل ون ڊي ميچ لاءِ مورني مورڪل جڏهن ميدان ۾ آيو ته کيس اسٽورٽ براڊ جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ هڪ وڪيٽ جي ضرورت هئي، هن ڪپتان ايون مورگن کي آئوٽ ڪري وڌيڪ وڪيٽن جي لسٽ ۾ براڊ کي پوئتي ڇڏي ڏنو. مورڪل 105 ميچن ۾ 179 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته براڊ 177 وڪيٽون ورتيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *