مودي ڀارت جو قصائي ته هو پر اڄ ڪشمير جو به قصائي بڻجي ويو: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي چيو ته مودي ڀارت جو قصائي ته هو اڄ ڪشمير جو قصائي بڻجي ويو آهي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت دوران چيو ته مودي سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته غيرآئيني طريقي سان هن انتهاپسند وزيراعطم جي خاص حيثيت ختم، ڪري ڇڏي آهي هي هڪ تاريخي حملو آهي ڀارت جي مسلمانن تي خاص ڪري ڪشميري مسلمان تي هڪ صحافي جي سوال تي ته وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم کي فون ڇو ڪئي آمريڪي صدر کي فون ڇو نه ڪئي جي جواب ۾ بلاول ڀٽو ٽوڪ واري لهجي ۾ چيو ته مون کي خبر نه آهي وزيراعظم ايئن ڇو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *