مودي پاران يمن مان ڀارتي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ تي نواز شريف جو شڪريو ادا

نئين دلي (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي يمن مان ڀارتي شهرين جي حفاظت سان پاڪستان واپسي تي پنهنجي هم  نواز شريف ۽ ان جي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو آهي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾پاڪستان طرفان يمن ۾ ڦاٿل 11 ڀارتي شهرين جي حفاظت سان منتقلي کي هڪ انساني قدم قرار ڏيندي وزيراعظ۾ نواز شريف جو شڪريو ادا ڪيو جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته انساني خدمت جي ڪابه سرحد ناهي هوندي ۽ اسان کي خوشي آهي ته ٻين ملڪن جي شهرين جي يمن مان حفاظت سان نڪرڻ ۾ پاڙيسري ملڪن جي مدد شامل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *