مودي صاحب راند کي هلڻ ڏئي ۽ پيار کي وڌڻ ڏئي: عبدالستار ايڌي جو ڀارتي وزيراعظم کي پيغام

ڪراچي (اين اين آءِ) مشهور سماجي ڪارڪنن عبدالستار ايڌي ڀارتي وزيراعظم کي پيار جو پيغام ڏيندي چيو ته نريندر مودي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ راند کي هلڻ ڏئي ۽ پيار کي وڌڻ ڏئي، اسلام ۽ هندو مذهب ٻئي انسانيت جو درس ڏين ٿا، اربع تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت ۾ پاڪستان خلاف ڪارروايون افسوسناڪ آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام جي خواهش آهي ته خطي مان دهشتگردي ختم ٿئي ۽ امن قائم ٿئي، هن ڀارتي وزيراعظم کي پيغام ڏنو ته ڀارت ۾ مسلمانن تي حملا بند ڪرائي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ لاءِ راند کي هٿي ڏئي، هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي رانديگر کي ڀليڪار چوي ۽ هتي اسان ڀارت جي رانديگرن کي دل سان ڀليڪار چونداسين، هن چيو ته مودي حڪومت عوام لاءِ ويزا پاليسي آسان ڪري ۽ اچڻ وڃڻ تي پابندي ختم ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *