مودي سرڪار جي پاليسين خلاف اڳوڻا فوجي به سراپا احتجاج، ميڊل واپس ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارت ۾ مودي سرڪار جي پاليسين خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سلسلو هلندڙ آهي، ڪٿي عدم برداشت ۽ وڌندڙ انتهاپسندي ته ڪٿي وري مودي سرڪار جي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هاڻ ملڪ ۾ احتجاج طور اعزاز واپس ڪندڙن ۾ اڳوڻا فوجي به شامل ٿي ويا آهن، ڀارتي حڪومت تازو ئي هڪ رينڪ هڪ پينشن واري قانون ۾ ترميم ڪئي آهي، جنهن خلاف اڳوڻن فوجين اعزاز واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اڳوڻن ڀارتي فوجين جو چوڻ آهي ته حڪومت ساڻن غلط ورتاءُ ڪري رهي آهي، ان ڪري هو پنهنجا ميڊل واپس ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *