مودي سرڪار جي قدمن تي ڀارت به ورهائجي چڪو آهي: شاهه محمود قريشي

لاهور (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي نئون موڙ ڏيئي ڇڏيو آهي 19 سيٽمبر تي وزيراعظم سان گڏ سعودي عرب وڃي رهيو آهيان سعودي عرب ۾ اهم نشستن کي آڏو رکي قدم کڻنداسين سلامتي ڪائونسل جو ڪشمير جي مسئلي تي اجلاس ڪشميرين جي لاءِ حوصلائتو هو ڀارت پاران سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي روس ۽ فرانس لچڪ نه ڏيکارن ها ته هي اجلاس نه پئي ٿي سگهيو جڏهن ته چين سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي وڪالت ڪئي، سلامتي ڪائونسل اجلاس سبب ڪشميرجو مسئلو عالمي سطح تي اٿيو سلامتي ڪائونسل اجلاس سان گڏوگڏ او آءِ سي کي متحرڪ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، او آءِ سي اجلاس ڪرڻ آسان نه آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ ڪل جماعتي ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته آزادي لاءِ ڪشميرين جي ڊگهي جدوجهد جاري آهي ۽ ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدمن آزادي واري جدوجهد کي نئون موڙ ڏيئي ڇڏيو آهي پارليماني اجلاس کان پوءِ فيصلو ٿيو ته ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اٿارينداسين ڪشمير جي مسئلي کان دنيا جو ڌيان هٽي ويو هو دنيا جو ڌيان هٽڻ سان ڀارت کي فائدو ٿيو ۽ 54 سال کان پوءِ سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير جي مسئلي تي بحث ٿيو شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم فلسطين جي مسئلن کان پوءِ ٺهي او آءِ سي ۾ فسلطين جي مسئلي تي به هڪجهڙائي ناهي رهي ڪامياب پاليسي تحت جنيوا ۾ 58 ملڪن پاڪستاني موقف جي توثيق ڪئي ڪامياب پاليسي تحت او آءِ سي ڪرفيو جي مخالفت ڪئي ۽ هيومن رائٽس ڪائونسل ۾ ڪشمير ۾ بنيادي حقن جي لتاڙ کي اجاگر ڪيو شاهه محمود قريشي چيو ته 19 سيپٽمبر تي وزيراعظم سان گڏ سعودي عرب وڃي رهيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *